شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز مطابق اڄ 16 ڊسمبر 2021 تي ملازمن جي مختلف پينلز جي نمائندن ھڪ وڏي تعداد ۾ لالا رضا محمد دراني جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان ملاقات ڪئي ۽ 17 نڪتن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پاران جوڙيل مذاڪراتي ٽيم پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڪنوينر، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق احمد جکراڻي ۽ رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو جي موجودگي ۾ چارٽر آف ڊمانڊ جي 17 پوائنٽن تي طويل مباحثي بعد ھيٺان فيصلا ڪيا ويا. مالي سال 2020-21 ۾ حڪومت پاران وڌيل پگھار جو 50 سيڪڙو گريڊ 2 کان 16 تائين جي ملازمن کي ادا ڪيو ويندو. جڏھن ته ليو انڪيشمنٽ فنڊن جي دستيابي بعد فورن جاري ڪئي ويندي. ننڍن ملازمن کي جرسي الاؤنس جي رقم جاري ڪئي ويندي، جڏھن ته ڪلارڪن جي اپ گريڊيشن جو مسئلو ايندڙ سينڊيڪيٽ ۾ رکيو ويو آهي. ڊيلي ويجز جي ملازمن جي 25000 رپيا ماھانا پگهار قانوني طريقي سان ۽ نوٽيفيڪيشن جي روح مطابق مقرر ڪئي ويندي. پٽيوالن جي اپ گريڊيشن جو ڪيس سينڊيڪيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيو ويو آهي. چوڪيدارن جي رھيل پروموشن جو مسئلو قانون مطابق طئي ڪيو ويندو. ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل فوتي ڪوٽا جي ملازمن کي قانون مطابق ريگيولر ڪيو ويندو. ايڏھاڪ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ سندن ڪيس ڊي پي سي ۾ رکيو ويندو. جڏھن ته ڊيپارٽمينٽ پروموشن ڪاميٽي جو اجلاس 5 جنوري تي منعقد ڪيو ويندو. ڊيلي ويجز جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاء ايندڙ سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ رکيو ويو آهي. ڊرائيورن کي پارٽ ٽائيم الاؤنس ضرورت مطابق سينئر ٽرانسپورٽ آفيسر تجويز ڪندو. ماليھن کي 2 گريڊ وڏيڪ ڏيڻ لاءِ سندن ڪيس ايندڙ سينڊيڪيٽ ۾ رکيو ويو آهي. سي بي سي جي ملازمن جي اپگريڊيسن جو ڪيس نظر ثاني ڪاميٽي ۽ فنانس پلاننگ ڪاميٽي ۾ رکيو ويندو. ھيلٿ انشورنس پاليسي جو ڊرافٽ ايندڙ سينڊيڪيٽ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 4 سوئيپرن کي رسڪ الائونس حڪومتي پاليسي تحت ڏنو ويندو. جڏھن ته اعجاز احمد سولنگي جي پروموشن جو ڪيس ايندڙ ڊي پي سي ۾ رکيو ويندو جيڪا 5 جنوري 2022 تي رکي وئي آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ملازمن کي خاطري ڪرائي ته منھنجا دروازه يونيورسٽي جي سڀني اسٽيڪ ھولڊرز لاءِ کليل آهي. بحيثيت وائيس چانسلر ۽ منھنجي ٽيم يونيورسٽي جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪوشان آهي. اسان جي جدوجھد شفافيت، قابليت ۽ شراڪت تي يقين رکي ٿي. ان موقعي تي لالا رضا محمد دراني ۽ مختلف پينلز جي نمائندن وائيس چانسلر کي يقين ڏياريو ته ھن ھڙتال سان سندن ڪو به تعلق ناهي ۽ ھنن وائيس چانسلر ۽ مذاڪراتي ٽيم جو ٿورو مڃيو جن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.