شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پاران پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران 6 ڊسمبر 2021 تي جاري ڪيل چارٽر آف ڊيمانڊ جي روشني ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر هڪ مذاڪراتي ڪاميٽي تشڪيل ڏني جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڪنوينر، عشرت علي ميراڻي، شاهده امير چانڊيو، فرحان لطيف ميمڻ ۽ سڪندر علي جانوري ميمبر طور نامزد ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي 7 ڊسمبر 2021 تي ملازمن جي اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ رکي وئي پر ان سلسلي ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڄاڻايو ته سندس مصروفيت سبب گڏجاڻي کي 8 ڊسمبر تائين موخر ڪيو وڃي. اڄ 8 ڊسمبر تي سندن اسرار تي گڏجاڻي رکي وئي هئي پر ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان شرڪت نه ڪئي وئي. ترجمان واضح ڪيو آهي ته ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جا عهديدار ڳالهين کان ٽال مٽول ڪري رهيا آهن. جيسيتائين چارٽر آف ڊيمانڊ جو تعلق آهي ته سندن ڪافي مسئلا حل ٿي چڪا آهن. فوتي ڪوٽا جا 18 آرڊرز جاري ٿي چڪا آهن جڏهن ته ليو انڪيشمنٽ 30 سيڪڙو ادا ٿي چڪي آهي. فنڊز جي دستيابي بعد رهيل رقم جاري ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻيا لاڳاپيل مسئلا سينڊيڪيٽ جي ذريعي حل ڪيا ويندا. ترجمان ڄاڻايو آهي ته سندن هڙتال بي بنياد آهي اداري کي نقصان رساڻ جي سازش آهي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته تازو بوگس امتحاني سلپن جي جاري ٿيڻ تي 7 ملازمن کي سينڊيڪيٽ پاران معطل ڪيو ويو آهي هي احتجاج صرف ان جو رد عمل آهي. جڏهن ته سينڊيڪيٽ پاران هڪ بااختيار ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي جيڪا شفاف نموني سان هن مسئلي کي ڏسندي. 7 ملازمن جي معطلي تي سول سوسائٽي ۽ باشعور ماڻهن هن عمل کي شفافيت جو احسن قدم قرار ڏنو آهي. ترجمان واضح ڪيو آهي ته ملازمن جي معطلي ۾ وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار جو ڪو به عمل دخل ناهي پر انڪوائري ڪاميٽي جي سفارشن تحت سينڊيڪيٽ کين معطل ڪيو آهي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته سينڊيڪيٽ يونيورسٽي جو هڪ اهم ۽ اعلي فورم آهي جنهن جي فيصلن جي خلاف احتجاج جو ڪو به جواز ناهي. جڏهن ته تازو اه آفيسن جي آٽوميشن جو ٽينڊر ڪالھ کليو آهي هي به ان جو رد عمل آهي ته جيئن ڪنٽرولر امتحانات ۽ ٻين اهم شعبن جو خود ڪار سرشتو نه ٿي سگھي. ترجمان واضح ڪيو آهي ته ايسوسيئيشن جا عهديدار ڳالهين جي عمل کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سندن ڪوشش آهي ته هن اداري کي بدنام ڪيو وڃي جڏهن ته موجوده انتظاميه شفافيت، ميرٽ ۽ غير جانبداري ۾ يقين رکي ٿي.